ڀٽو، مظفر

ڀٽو، مظفر

مظفر ڀٽو

مظفر ڀٽو : قوم پرست اڳواڻ مظفر ڀٽو 1970ع ڌاري سيوهڻ شهر ۾ ڄائو. پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادوءَ مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کان متحرڪ ذهن رکندڙ، قومي درد سان آشنا نوجوان هو. ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ تحريڪ، بنگال سانحي ۽ ايم.آر.ڊي جي تحريڪ هن جي ذهن ۾ سنڌ پرستيءَ جو روح ڦوڪيو. 1985ع ۾ سائين جي.ايم.سيد جي قومپرستيءَ واري فڪر کان متاثر ٿي باقاعدي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو. مقامي سطح تي ڪيترن اهم معاملن ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ متحرڪ رهيو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي ٺهڻ بعد ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، جيئي سنڌ متحده محاذ ٺهيو ته هي ان جو سيڪريٽري جنرل، وائيس چيئرمئن ۽ مرڪزي ڪميٽيءَ جو رڪن رهيو. 1990ع ڌاري لاکڙا پاور هائوس ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو ۽ آخر تائين اتي ملازم رهيو. جيئي سنڌ پورهيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو. 2005ع ۾ ڳجهن ادارن هٿان گرفتار ڪيو ويو، جتي 23 مهينا باندي رهيو ۽ نيٺ ڪورٽ ۾ کيس پيش ڪيو ويو. 2011ع ۾ مٽيارين مان کيس ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ سندس ڀاءُ ممتاز ڀٽو به شهيد ٿيو هو. 15 مهينن جي گمشدگيءَ بعد هٽڙي باءِ پاس وٽان 21 مئي 2012ع تي سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. سياسي ڪارڪن هئڻ ناتي سندس المناڪ موت تي سنڌ جي قومپرست جماعتن شديد ردِعمل ظاهر ڪيو ۽ سموري سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ، شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. سندس مڙهه کي سيوهڻ آڻڻ بعد سن ۾ سائين جي.ايم.سيد جي پيرانديءَ کان ۽ سياسي ساٿي روپلي چولياڻيءَ جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن جي وني صائمه ڀٽو به سياست ۾ متحرڪ آهي. سندس شهادت کان اڳ ۾ گمشدگيءَ جو ڪيس عالمي تنظيمن وٽ به پيش ڪيو ويو ۽ جنيوا ڪانفرنس ۾ پڻ بحث هيٺ آيو.


لفظ مظفر ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو